اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪست??ن جي ڀرپور ڪوشش آهي ته متحده عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. اهڙن خيال?? جو اظهار صدر متحده عرب امارات جي وزير شيخ نيهان بن مبارڪ النيهان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ايوان صدر ?? ساڻس ملاقات ڪئي.