ملتان -30 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا?? محمود قريشي چيو آهي ت?? ڊينئل پرل ڪيس ۾ بري ٿيندڙ عمر شيخ کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪين سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مان نئين آمريڪي پرڏيهي وزير کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بلنڪين جا تجربا خطي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. آمريڪي پرڏيهي وزير کي وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آ??ريڪي پرڏيهي وزير کي هڪ عدالتي ??يص??ي ت?? تشويش هئي جنهن تي هن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هن عدالتي ??يص??ي ت?? نظرثاني جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي حڪومت ڊينئل پرل جي قا??لن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي ۽ اسان جي به اها ئي خواهش آهي ت?? ڊينئل پرل جي خاندان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻه طرفا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ مان هن کي عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. مان هن کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ هتي آئين ۽ قانون مطابق ??يص??ا ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپشن، مني لانڊرنگ خلاف ٺوس قدم کڻي رهي آهي.