اسلام آباد – 9 جون (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي جو بارو??ي سرنگ سان ٽڪرائڻ واري واقعي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي افس??س جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت واقعي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن لاءِ بل??د درجن جي دعا ڪئي. صدر مملڪت سيڪيورٽي فورسز تي پاڻ مرادي بم جي ذريعي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سڄي قوم ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. صدر مملڪت چيو ته قوم ??نه??جي بهادر پٽن ۽ شهيدن جي قربانين کي فراموش نه ڪندي. صدر مملڪت شهيدن جي جذبي حب الوطني ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيدن جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.