اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شفافيت ۽ احتساب موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، جنهن جو مق??د ملڪ ۾ سٺي طرز حڪمراني کي يقيني بڻائڻ آهي، ان سلسلي ۾ آڊٽنگ ۽ اڪائونٽنگ جي ??ظام ?? جديد ٽيڪنالاجي ۽ دنيا ۾ لاڳو بهترين طريقيڪار اختيار ڪرڻ گهرجن، اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي طرفان ڏنل هڪ بريفنگ جي صدارت ڪندي ڪيو.