لاهور – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ ماڻهو تمام عظيم آهن، هتي اچي خبر پئي ته فائونٽين هائوس دنيا جي بهترين ??دارن ??ان هڪ آهي، اهڙي طرح جي ادارن ۾ اچي دلي سڪون ملي ٿو ۽ حقيقي خوشي ملي ٿي، معاشري جي محروم ماڻهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ تمام وڏي خدمت آهي، دنيا ۾ 30 کان 40 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن جو شڪار آهن، ڪوشش آهي ته هڪ ڪال سينٽر قائم ڪريان جتي ڊپريشن ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ماڻهن کي ف??ن ڪالز ذريعي سڪون ۽ آرام حاصل ڪرڻ بابت مشورا ڏنا ??ڃن، ڊبليو ايڇ او جي طرز تي اسلام آب??د ۾ اسڪول ٽيچرز جي مدد سان ٻارن ذريعي ڊپريس والدين ??و علاج ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون. هو فائونٽين هائوس ۾ ورلڊ سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ آٽزم اينڊ چائلڊ سائيڪاٽري ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.