اسلام آباد – 16 اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق وا??ي وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده صورتحال خاص طور تي رمضان مهيني کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن ??قت سر فيصلا ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خوراڪ جي کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق وا??ي وفاقي وزير سيد ف??ر امام سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۽ ايندڙ سال معياري ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهتر ٻج جي استعمال جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.