اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ??ي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي حق تي پڪو يقين ر??ي ٿي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي مسئلن جو حل اسان جي اولين ترجيح آهي، رهتن جي ادائ??گي کي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن سان ڳنڍيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي عهديدارن سان وڊيو ڪانفرنس ذريعي ملاقات دوران ڪيو.