اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪچين آبادين کي جديد رخن تي ترقي ڏئي ا??هن ۾ سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ معاشري جي غريب طبقن کي نظر انداز ڪيو ويو، انهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هو ايوان صدر ۾ ڪچين آبادين کي ترقي يافته شڪل ڏيڻ جي لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، صوبائي اسيمبلي ميمبر فردوس شميم نقوي، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين انور حيدر، صدر جي سيڪريٽري طارق نجيب نجمي، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري عمران ز??ب خان، اين پي ا??ڇ اي جي ڊپٽي چيئرمين، ايڊيشنل ا??ار??ي جنرل ۽ ٻين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.