اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي، اسان سڀني قومي ادارن کي سڌارن جي ذريعي ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي وي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئي، ٽي وي چئنلن جي مالڪن سان طئي ٿيل فارمولي تحت انهن جي رهتن جي باقي رقم به ايندڙ هڪ هفت?? ۾ ??دا ڪئي ويندي. قومي اسيمبل?? ۾ ??والن جي وقفي دوران چوڌري محمد برجيس طاهر جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي حوالي سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي دور جي ٻن سالن جي بلن بابت مالڪن سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان آخري ٻن سالن جي بلن جي ادائيگي جو فيصلو ڪيو، ڪل رقم هڪ ارب 15 ??رو?? روپيا بڻجندي هئي جنهن مان اڌ ادا ڪئي وئي ۽ بقايا رقم ايندڙ هڪ هفت?? ۾ ??دا ڪئي ويندي، هن چيو ته علائقائي اخبارن کي اشتهارن جي فراهمي جي حوالي سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.