اسلام آباد ??? 26 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب چيو آهي ته ڪشمير ??سئلي تي عالمي برادري ستل هئي، وزيراعظم عمران خ??ن دنيا کي ڪشمير ??سئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي، مودي جو فاشسزم پوري دنيا آڏو ظاهر ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت ڪشمير ??سئلي جي حوالي سان صحيح رخ طرف گامزن آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته تمام جلد ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي ه?? چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمز تي موثر انداز سان ڪشمير ??سئلي کي اجاگر ڪيو آهي، دنيا اڳ ۾ ان مسئلي تي سمهي پئي هئي ۽ اها ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو اندروني مسئلو سمجهندي رهي هئي پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دور??ن دنيا کي ان مسئلي جي حساسيت بابت احساس ڏياريو جنهن کانپوءِ دنيا ۾ ڪشمير ??سئلي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، انساني حقن جون تنظيمون، پوري يورپي يونينز ۽ گڏيل قومن جا ٻيا ادارا به ڪشمير ??سئلي تي ڳالهه ڪري رهيا آهن.