اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڪرشماتي قيادت ۾ پنهنجي بزرگن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هي ڏينهن اسان کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته ا??ان پاڪستان جي بانين جي نظرين تي عملدرآمد جي عزم کي ورجايون ۽ تحريڪ پاڪستان جي تاريخي جدوجهد ۾ شامل سمورن ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪريون. صدر چ??و ته ماضي جي ابتڙ آزادي جو ڏهاڙو هڪ مشڪل وقت ۾ ملهايو پيو وڃي ڇو ته پوري دنيا ڪوورنا وائرس کان متاثر ٿي آهي جنهن جا منفي اثر معيشت، صحت ۽ تعليم سميت سمورن شعبن تي پيا آهن. هن چ??و ته وبا سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن پر اسان ڏسون ٿا ته ا??ان جي قوم ان وبا تي سمارٽ لاڪ ڊائون جي شاندار حڪمت عملي تحت ضابطو آڻي ورتو آهي. هن چ??و ته ا??ان جي لاءِ ضروري آهي ته ا??ان احتياطي تدبيرن تي عمل جاري رکون. صدر چ??و ته ماضي ۾ به ا??ان آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي سخت ٻوڏن جي مسئلن ڏنو آهي. هن چ??و ته اڄ هن خوشي جي موقعي تي سمورن پاڪستانين جي ڪوششن کي داد ڏيان ٿو ج?? قدرتي آفتن جي متاثرين جي مدد جي لاءِ ڀرپور يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. آزادي جي ڏهاڙي جي تاريخي ڏينهن تي آئون پنهنجي ڊاڪٽرن، نرسن، صحت جي شعبي جي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن پنهنجي ڪورونا وبا دوران پنهنجي زندگين کي خطري ۾ وجهي ماڻهن جون زندگيون بچايون آهن. وڌيڪ اهو ته آئون ميڊيا، عالم سڳورن، اين ڊي ايم اي، اين سي او سي، صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ ڪوويڊ 19 بابت ايس او پيز تي عملدرآمد جي ڪردار کي تسليم ڪريان ٿو. هن چ??و ته ا??ساس پروگرام مان واضح ٿئي ٿو ته جڏهن معاشري جي سمورن طبقن جي سهولت ۽ تحفظ جي لاءِ قدم کنيا وڃن ته عوام متحد ٿئي ٿي.