اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي ??ي ??ي) ملڪي پارلياماني تاريخ جي 15 ه??ن قومي اسيمبلي گذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت توهين آميز خاڪن، تحفظ ختم نبوت، ڀارتي غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم ۽ غير قانوني قدمن جي حوالي سان 43 قراردادن جي منظوري ڏني، قومي اسيمبل?? سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ 15 ه??ن قومي اسيمبلي 13 آگسٽ 2018ع تي حلف کنيو، گذريل ٻن سالن جي دوران پارليامينٽ جا 6 گڏيل اجلاس منعقد ٿيا جنهن مان 17 سيپٽمبر 2018ع ۽ 12 سيپٽمبر 2019ع کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو. 19 فيبروري 2020ع تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان پارليامينٽ ج?? ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان کانسواءِ پاڪستان کي ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ 28 فيبروري 2019ع تي پارليامينٽ ج?? ٻنهي ايوانن جو خصوصي گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو، قومي اسيمبل?? ٻن سالن ۾ 2 نجي بلن جي به منظوري ڏني جنهن ۾ پاڪستان انسٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز بل ۽ دستور (ترميمي) به شامل آهي. دستور ترميمي بل آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم تي مشتمل آهي جيڪو فاٽا جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ج?? سيٽن بابت آهي، اهو بل قومي اسيمبلي منظور ڪر?? سينيٽ کي موڪلي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي 40 حڪومتي بلن جي منظوري ڏني جنهن ۾ ٻه فنانس بل به شامل آهن.