لاهور – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوص?? معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تيزي سان بدلجندڙ دنيا سوشل ميڊيا جي اهميت کي پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائ?? حڪومتون سوشل ميڊيا کي هڪ موثر ميڊيم جي طور تي استعمال ڪرڻ جي غرض سان جامع پاليسي جوڙين. هو وزيراعليٰ هائوس ??اهور ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سان گڏ وفاقي ۽ صوبائ?? حڪومتن جي بهتر حڪ??ت عملي جوڙڻ جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهي هئي، اجلاس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پيمرا، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي ۽ ڊي جي پي آر جي آفيسرن شرڪت ڪئي.