اسلام آباد – 16 ڊسمبر (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي ۾ ڀارت طرفان منظو?? ڪيل سٽيزن شپ ترميمي بل 2019ع کي تڪراري قانون قرار ڏيندي ان جي خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته ان قانون کي بي ج?? پي ج?? هندو انتهاپسندي جو نظريو، انساني حقن جي عالمي قانونن ۽ ٻه طرفي تعاون جي خلاف ورزي قرار ڏيندي گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهو ڀارت تي دٻاءُ ??جهي ته اهو قانون واپس وٺي.