اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معيشت مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو، اسان اقتصادي طور تي هر صحيح رخ ۾ گامزن هئاسين پر ٻين مل??ن وانگر اسان جو ملڪ ڪوويڊ – 19 کان متاثر ٿيو، ڪورونا سان معيشت متاثر ٿي ۽ اها غيرمتوقع صورتحال هئي، لاڪ ڊائونز جي صورتحال جو ان کان اڳ ڪنهن کي به تجربو نه هو. عالمي اقتصادي فورم جي انتظام هيٺ ڪوويڊ – 19 کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بحالي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن جي حوالي سان ”پاڪستان اسٽريٽجي ڊائيلاگ“ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته اسان ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ، عوام کي بيماري کان تحفظ ۽ ماڻهن کي بک سان مرڻ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا.