اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا و??نگر پاڪستان ۾ به مسيحي برادري پنهنجو مذهبي ڪرسمس جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، پاڪستان ۾ گرجا گهرن ۽ مسيحي وستين ۾ ڪرسمس جي ??قريبن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي ??لامتي، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. صدر، وزيراعظم کانسواءِ اهم شخصيتن مبارڪباد جا پيغام جاري ڪيا، پوري دنيا ۾ ان ??هم ڏڻ ??ون ڪيتريون ئي تقريبون ڪووڊ – 19 جي وبا جي ٻي لهر جي ڪري ڊجيٽل طور تي منعقد ڪيون ويون، تنهن هوندي به ملڪ جي ٻين شهرن وانگر وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مسيحي برادري اهو ڏڻ ??وايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو ته جئين وائرس کي پکڙجڻ کان ??وڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. مسيحي برادري ڪووڊ -19 جي ??يس او پيز کي اختيار ڪندي سرڪاري تقريبن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جي ??قريبن تائين مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪيو، مسيحي عملي جي ميمبرن جي ??وشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڄي هفتي ک??ن ئي مختلف ادارن ۾ تقريبن جو سلسلو جاري هو جڏهن ته ايوان ??در، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان ??يلويز، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ??يلي ادارن ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ ڪرسمس جي ڪيٽ ڪٽڻ جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. سڄي ملڪ جي گرجاگهرن ۾ خصوصي سروسز جو انعقاد ڪيو ويو ۽ مسيحي برادري ملڪ جي ??من، ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ وبا کان ڇوٽڪاري ۽ پوري انسانيت جي ??فاظت جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون.