اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري آفيسرن پاران عوامي شڪايتن کي وقت سر حل نه ڪرڻ تي سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ غيرسنجيده ۽ موثر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ??هي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري جي ماتحت 1586 آفيسرن جي ڊيش بورڊ جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم پرفارمنس ڊيليوري يونٽ جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي ??هي. رپورٽ موجب 263 آفيسرن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي وارننگ، 7 سرڪاري آفيسرن کي شوڪاز ن??ٽيس جاري ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس پاران 833 آفيسرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 111 آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي ??هي. وزيراعظم آفيس 403 سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. رپوٽ موجب اطلاعات، زراعت، ايڪسائيز ۽ آبپاشي سيڪريٽري کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو خط جاري ڪيو ويو ??هي. واضح رهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري آفيسرن جي ناقص ڪارڪردگي جو نوٽيس ورتو هو.