اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب سياحت جي ش??بي کي تر??ي ڏني پئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن، پيراگلائيڊنگ ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌي رهي آهي، ان نوعيت جي سرگرمين سان نه رڳو راندين کي فروغ ملندو پر سياحت جي ش??بي ۾ به تر??ي ٿيندي. هو ٽن ڏينهن واري سياحتي ۽ فيملي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. منصوبا??ند??، تر??ي،سڌارن ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب، هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ذوالفقار بخاري، بين الصوبائي رابطن ۽ راندين واري وفاقي وزير فهميده مرزا کانسواءِ ملڪ جي مختلف حصن مان سياحت ۽ راندين جي ش??بي سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته نجي ش??بي ان تقريب جو انعقاد ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت انهن جي مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد مقامي رهواسين کي صحتمند تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پيراگلائيڊنگ مهانگي راند نه هئي، ان ۾ نوجوانن جي وڌندڙ تعداد اسان لاءِ حوصلي وارو آهي. هن چيو ته ان ميلي ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ جا نمائندا شريڪ ٿيا.