اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئ?? آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گئس جي قيمت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حڪومتي ۽ نجي شعبي پاران مستقبل ۾ ڪڻڪ جي درآمد جا فيصلا وقت تي ڪيا وڃن، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ 7 ارب روپين جي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، عمر ايوب، اسد ع??ر، خاص مددگار نعيم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، ناڻي وارو اڳوڻو وزير شوڪت ترين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئ??. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين خاص طور تي اٽي جي قيمت ۾ استحڪام، کنڊ جي موجوده قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان قدمن، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئ?? ته حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي اسڪيم م??عا??ف ٿيڻ تائين اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃ??. و??يراعظم عمران خان چيو ته غريب ماڻهن کي اٽي جي حوالي سان سڌو سنئون سبسڊي جي فراهمي لاءِ مفصل پروگرام م??عا??ف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي ڪري اٽي جي خريداري جي حوالي سان معاشري جي ڪمزور طبقن کي حڪومت پاران سڌو سنئون سبسڊي فراهم ڪئ?? ويندي. هن چيو ته حڪومتي سبسڊي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد آ??ي ته جيئن ان تي مهانگائي جو بار ممڪن حد تائين گهٽ ڪري سگهجي.