اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته عالمي برادري کي اپيل آهي ??ه اها ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري، عالمي برادري ماحول ۽ ايڪو نظام جي تحفظ جي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪري، وڻن ۽ جنگلي ج??وت جي تحفظ جي لاءِ 9 قومي پارڪ ٺاهي رهيا آهيون، بلين ٽري منصوبي تحت هڪ ارب وڻ لڳايا ويا آهن جڏهن ته 2023ع تائين 10 ارب وڻ لڳا??ين??اسين. هو ماحولياتي نظام جي بحالي بابت گڏيل قومن جي ڏهاڪي جي موضوع تي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.