اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب عوام توهان جي اصليت ڄاڻي چڪي آ??ي، بجيٽ جا ڪوڙا انگ اکر ٻڌائڻ توهان جي عادت بڻجي چڪي آ??ي، حڪومت مالي سال 22 -2021ع ۾ سڌا سنئوان نوان ٽيڪس ناهن لڳايا، عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ 5 لک روپيا بنا وياج جي قر?? ڏنو پيو وڃي، انهن قدمن سان تقريبن اڍائي ڪروڙ ماڻهو معاشي طور تي مستحڪم ٿي??دا?? هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته اين ايف سي کان ملندڙ 16 سئو ارب روپ??ن کان وڌيڪ جا فنڊ ڪٿي اس??عمال ٿيا.؟