لاهور – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اين سي او سي ۽ وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز جي ابتڙ سنڌ حڪومت جا قدم پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندا، صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري ??گهن، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان جاري ??هي ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي، سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي ??هي آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون هڻڻ بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي، بدقسمتي سان نريندر مودي جي حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ قدم نه کنيا جنهن جي ڪري ڀارت پوري ??نيا ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو ذريعو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جڏهن ڪورونا وائرس جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري معيشتون سنڀلجي رهيون هيون، ان وقت ڀارتي حڪومت جي غيرذميواراڻي پاليسين جي ڪري پوري ??نيا ڊيلٽا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ مش??لا??ن کي منهن ڏئي ??هي آهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جي فيصلن سان ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان هلي ??هي آهي ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ حڪومت اين سي او سي ۽ وفاقي حڪومت جي هدايتن جي ابتڙ صنعتن کي بند ڪري ٿي ته ان سان پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ويڪسي نيشن تي زور ڏي، جن صنعتن ۾ 100 سيڪڙو ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، انهن صنعتن کي کولڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جهڙي طريقي سان پابنديون هڻي ??هي آهي ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي عام ماڻهو جي مش??لا??ن ۾ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي ??هي آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. هن چيو ته آر??يڪ?? 149، 151 ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري ??گهن، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت فوري ??ور تي صنعتن کي کولي، واپاري ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي ايترو تنگ نه ڪيو وڃي جو انهن جي چيلهه ٽتي پوي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا بابت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته وفاق ڪورونا وائرس جي خاتمي بابت صوبائي حڪومتن سان هر ممڪن تعاون ڪري ??هيو آهي پر صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري ??گهن، انڊسٽري کولڻي پوندي، انهن کي پنهنجي حڪمت عملي اين سي او سي جي گائيڊ لائينز موجب ٺاهڻي پوندي.