ڪراچي – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ??ڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، وزيراعظم جي هدايت تي ??مر شريف جي عيادت جي لاءِ آيا آهيون، ??مر شريف اسٽيج جو بادشاهه آهي ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت ??مر شريف جي علاج جي لاءِ ??ر ممڪن قدم کڻندي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سدان گڏ آغا خان اسپتا?? ۾ ??اليواري ڪاميڊين ??مر شريف جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ??مر شريف اسٽيج جو بادشاهه ۽ قوم جو اثاثو آهي، حڪومت سندس علاج جي لاءِ ??ر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان ??مر شريف جي علاج جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڊاڪٽرن جو بورڊ جيڪو فيصلو ڪندو، حڪومت ان ۾ تعاون ڪندي، کيس اطمينان بخش علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ??مر شريف جي علاج بابت فيصلو ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آهي، ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف و??ي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن اليڪشن ۾ هارائي وڃي ان تي اهي ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف سڀ کان پهرين مظاهرو پي ايم ايل اين ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي جون تقريرون کڻي ڏسو، اهي هڪ ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن سندن موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو بنيادي طور تي ڪم پنهنجي غيرسياسي حيثيت کي بحال رکڻ آهي، جيڪڏهن اهي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهن ته انهن کي هلي وڃڻ گهرجي، 22 ڪروڙ جي آبادي آهي، اسان اليڪشن ڪرائي سگهون ٿا.