اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن تي زور ڏنو آه?? ته اهي ميدان ۾ خوداعتمادي ۽ کٽڻ جي جذبي سان لهن، محنت سان هڪ مضبوط ٽيم بڻجن، پوري قوم جون ٽيم مان اميدون واڳيل آه??. هن اها ڳالهه قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، سينيٽر فيصل جاويد ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رميز راجا شريڪ هئا، ملاقات جي شروعات قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن سان تعارف سان ٿي. وزيراعظم رانديگرن کي ڪرڪيٽ جي حوالي سان ٽپس پن ڏنا. ان کانسواءِ وزيراعظم رانديگرن کي پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر جا تجربا شيئر ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ ڪاميابي جا اصول واضح ڪري رکيا آه??. حضور ﷺ دنيا جا سڀ کان ڪامياب ترين انسان آه??، انهن جو رستو اهو آه?? جيڪ?? اسان پنج وقت الله کان گهرون ٿا، اهو رستو جن تي الله جو انعام ٿيو. عمران خان چيو ته ڪاميابي جو رستو سچائي ۽ ايمانداري جو رستو آه??. هن چيو ته انسان کي الله تعاليٰ اشرف المخلوقات بڻايو آه??. انسان ڪوشش ۽ محنت سان پنهنجي تقدير بدلائي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته هڪ رستو عزت جو آه?? ۽ ٻيو پئسي جو، توهان کي پئسي جي بُت کي ٽوڙڻو آه??. توهان کي ٽيم ۽ قوم جي لاءِ کيڏڻو آه??. هنچ يو ته پوري قوم جون نظرون توهان تي آه??. پوري قوم توهان کي ڪامياب ڏسڻ چاهي ٿي. وزيراعظم چيو ته توهان دنيا ۾ پاڪستان جا نمائندا ۽ سفير آه??و. توهان م ٽيلينٽ جي کوٽ نه آه??، پوري دنيا پاڪستان جي ٽيلينٽ کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته تاريخ گواهه آه?? بدر جي جنگ ۾ 313 ڄڻن وڏي فوج کي شڪست ڏني ۽ رڳو 13 سالن ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي سلطنتن، رومين ۽ فارسين کي شڪست ڏئي ڇڏي. توهان ۾ ٽيم اس??رٽ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ميدان ۾ جڏهن لهو ته خوداعتمادي ۽ کٽڻ جي جذبي سان لهو، اها ٽيم ڪڏهن به ناهي کٽيندي جيڪا هارائڻ کان بچڻ جي لاءِ کيڏي. وزيراعظم چيو ته آئون جڏهن ڪرڪيٽ کيڏندو هئس ته اسان ڪرڪيٽ کي خراب حالتن مان ڪڍي ورلڊ ڪپ کٽيو. هن قومي ٽيم جي رانديگرن تي زور ڏنو ته توهان کي جارحاڻي انداز ۾کيڏڻو آه??، دفاعي نقطه نظر سان کيڏندڙ ٽيم ڪڏهن به ناهي کٽيندي. وزيراعظم چيو ته اسان ئي ڪرڪيٽ ۾ اٽيڪنگ ٽيڪنيڪ کي متعارف ڪرايو. هن چيو ته هارائڻ سان انسان سکي ٿو، ڪو به ڪامياب شخص اهڙو ناهي گذريو جيڪو زندگي ۾ هارايو نه هجي. هن چيو ته ڏينهن جي مڪمل ٿيڻ تي پنهنجو محسابو ڪرڻ سان انسان پنهنجي غلطين کي سڌاريندو آه??، ٽيم کي اع??اب?? طور تي مضبوط ڪريو، دٻا5 ۾ پريشان ٿيڻ بدران پريشر مان لطف اندوز ٿيڻ سکو. وزيراعظم چيو ته وڪيٽ وٺڻ تي ڪريو، رنسُون روڪڻ ۽ وڪيٽ وٺڻ ٻه جدا ٽيڪنيڪس آه??. هن چيو ته محنت سان هڪ مضبوط ٽيم بڻجو، پوري قوم جون توهان سان اميدون واڳيل آه??.