پشاور – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري درست تجز??و ڪري افغانستان جي مسئلي جو حل ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ي. ??فغانستان لاءِ امدادي سامان جي حوالگي جي حوالي سان گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان سان اسان جو تمام گهڻو مضبوط رشتو آ??ي، هن وقت افغانستان هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آ??ي ان لاءِ عالمي برادري ان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ پاڪ افغان دوستي گروپ گهڻو موثر ڪم ڪري رهيو آ??ي. افغانستان جي عوام سان تمام گهڻا پراڻا لاڳاپا آهن. اسان سدائين پنهنجي افغاني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيا آهيون اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هجي. پاڪستان ۽ هتي جي عوام افغانستان جي ترقي چاهي ٿي. پاڪستان جي سرندي وارن ماڻهن کان افغان عوام جي امداد لاءِ اڳتي اچڻ جي درخواست ڪريان ٿو. عالمي برادري افغان مسئلي جو درست تجز??و ڪري عوام جي مدد ڪري. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ آهي.