ميرپورخاص – 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سي ??ي ايل سي جهڙا اد??را پوليس ۽ شهرين جي وچ ۾ بهتر رابطن جي لاءِ موثر ڪردار اد?? ڪن ٿا، سي ??ي ايل سي ۾ ڪيترائي گروپس رضاڪاڻي طور تي خدمتون ڏيندا رهيا آهن، هي اهو اد??رو آهي جيڪو ڏوهن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي خاتمي لاءِ ڪردار اد?? ڪندو رهيو آهي، منشيات جي لعنت اسان جي معاشري ۾ خطرناڪ حد تائين پکڙجي وئي آهي، جنهن کي روڪڻ جي لاءِ به قدم کڻن جي ضرورت آهي. ميرپورخاص ۾ سي ??ي ايل سي جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منشيات اسان جي معاشري کي نقصان پهچائي رهي آهي، ٻار نشي جا عادي ٿي وڃن ٿا، معاشري کي اڳ ۾ خبر پئجي وڃي ٿي، گهر وارن کي بعد ۾ خبر پوي ٿي. صدر چيو ته توهان کي ان جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن ان برائي کي پکڙجڻ کان روڪي نوجوانن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ جي گورنر کي چوندس ته سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ به اد??را ٺاهيا وڃن. هن چيو ته ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ذريعي لکين ماڻهن مان گهربل شخص جي ڳولا هڪ آسان عمل آهي، اهڙي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان تحقيق جو عمل وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عمران اسماعيل چيو ته سي ??ي ايل سي شاندار اد??رو آهي، جتي عام ماڻهو به پوليس تائين م??ثر پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته نوجوانن کي به هن اد??ري ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اد??رو وڌيڪ اڳتي وڌي سگهي. اسان جي ڪوشش آهي ته پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ عورتن کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. جيستائين م??امي ڪميونٽي کي شامل نه ڪيو وڃي مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن. تقريب ۾ سي ??ي ايل سي چيف محمد زبير حبيب پڻ اد??ري جي اهميت ۽ فائدي تي روشني وڌي.