اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪش??ير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي، موجوده حڪومت آزاد ??مو?? ۽ ڪش??ير جي ترقي سان گڏوگڏ غيرقانوني ڀارتي والاريل ??مو?? ۽ ڪش??ير جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ??مو?? ۽ ڪش??ير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ??مو?? ۽ ڪش??ير جي ترقي، مجموعي صورتحال ۽ ڪش??ير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته حڪومت آزاد ??مو?? ۽ ڪش??ير جي اقتصادي ترقي ۽ ڪش??ير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ??مو?? ۽ ڪش??ير ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪش??ير مسئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪش??يري عوام جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪش??ير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي. هن چيو ته ڀارت ڪش??يرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتي مسلمانن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پيو وڃي. صدر چيو ته مودي جي انتهاپسند ۽ مسلمان مخالف حڪومت کان پوري خطي کي خطرو آهي.