اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محم??د قريشي چيو آهي ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انسا??ي بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ ??عط?? بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي و??ير چيو ته افغانستان نازڪ صورتحال ۾ ورتل آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انسا??ي بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي. دنيا کي افغانستان جي زميني حقيقتن کان آگاهه هجڻ گهرجي. پرڏيهي و??ير چيو ته ڪانفرنس ۾ افغان نمائندا به پنهنجو موقف پيش ڪندا. شاهه محم??د قريشي خبردار ڪيو ته پناهگيرن جو بحران پيدا ٿيو ته ايران تائين محدود نه رهندو، دنيا جي مفاد ۾ آهي ته افغانستان جي صورتحال نه بگڙي، نه ته پناهگير روزگار جي لاءِ يورپ جي دروازن تي به دستڪ ڏيندا. هن چيو ته هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ ??عط?? بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. بئنڪنگ سسٽم فعال نه ٿيو ته سڄي دنيا مان افغاني پئسا ڪيئن موڪليندا، افغان عبوري حڪومت وٽ پگهارون ڏيڻ جي لاءِ پئسا نه آهن. افغانستان جي پنهنجي وسيلن کي منجمند ڪيو ويو آهي.