اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت ۾ هندو توا گروپ سمورن مذهبي ا??لي??ن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي انتهاپسنداڻي ايجنڊا جنهن تي مودي حڪومت عمل پيرا آهي، سان خطي جي امن کي حقيقي خطرو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارتيه ??نت?? پارٽي جي انتهاپسنداڻي نظرين تي عمل پيرا مودي حڪومت ۾ هندو توا گروپ سمورن مذهبي ا??لي??ن کي هروڀرو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ کين انهن ڪارروائين تي سزا کان ڇوٽ حاصل آهي، مودي حڪومت جي انتهاپسنداڻي ايجنڊا اسان جي خطي ۾ امن لا??ِ حقيقي خطرو آهي، وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ ا??لي??ن خاص طور تي 20 ڪروڙ مسلمانن جي نسل ڪشي جي حوالي ??ان ڊسمبر ۾ هڪ انتهاپسند هندو توا ڪانفرنس ۾ ڪيل اپيل تي مودي حڪومت جي مسلسل خاموشي ان سوال کي جنم ڏي ٿي ته ڇا بي جي پي حڪومت ان اپيل جي حمايت ڪري ٿي؟ وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ان معاملي ??و نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري.