اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان پو??يو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دنيا کي انساني بحران جي ويجهو پهتل 40 ملين افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پو??دو جڏهن ته بل گيٽس چيو آهي ته پو??يو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو عزم مثالي آهي، پو??يو جو خاتمو آڻي پاڪستان تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکي سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان جي خصوصي دعوت تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ باني بل گيٽس پو??يو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ بل گيٽس ۽ وزيراعظم عمران خان جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم پاڪستان جي پهرين دوري تي بل گيٽس جي آجيان ڪندي پو??يو جي خاتمي ۾ پاڪستان حڪومت سان مسلسل تعاون ۽ حصيداري تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پو??يو جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان اسان جي ٻن سرحدي صوبن ۾ پو??يو جي واقعن جو بني??دي ذريعو هجڻ جي ناطي صحت جي هنگامي سميت انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ فوري عالمي تعاون جو گهرجائو آهي جڏهن ته پاڪستان 40 ملين افغان عوام جي بني??دي سهولتن جي فراهمي ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم افعانستان جي سرحدن سان لاڳاپيل ضلعن خاص طور تي خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي پو??يو وائرس جي ڦهلاءُ جي خلاف چوڪس ۽ فعال رهڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي بل گيٽس پاڪستان جي دوري تي گهرائڻ ۽ گرمجوشي سان مهمان نوازي ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پو??يو جي روڪٿام لاءِ اڻٿڪ محنت ڪرڻ تي قيادت، هيلٿ ورڪرز ۽ والدين جي ڪوششن کي ساراهيو. بل گيٽس چيو ته ڪوويڊ 19 جي پابندين جي باوجود پاڪستان حيرت انگيز ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پو??يو جا ڦرا پيارڻ جو سلسلو جاري رکيو. پو??يو جي خاتمي بابت نيشنل ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پو??يو جا ڦرا پيارڻ دوران پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ 36 فرنٽ لائين ورڪرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ 14 اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. ان کان اڳ ٽاسڪ فورس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ پو??يو جي زيرو واقعن جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڏاکڻي ضلعن ۾ ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جو پتو لڳايو ويو آهي. ٽاسڪ فورس کي ٻڌايو ويو ته قومي سطح تي پو??يو جا ڦرا پيارڻ جي مهم ڊسمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع ۾ شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻارن جي لاءِ معمول جي حفاظتي ٽيڪن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. خطري وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تعاون سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي موجود آهي. صوبائي حڪومتن اجلاس کي پو??يو مهم جي لاءِ مخصوص وسيلن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان کي پو??يو فري بڻائڻ جي لاءِ مڪمل عزم جو اظهار ڪيو. ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد محمود خان، سنڌ جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو، بلوچستان جي صحت واري وزير احسان شاهه، عالمي ادارن جي نمائندن ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سڄي پاڪستان مان ڊپٽي ڪمشنرز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم بل گيٽس جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو جنهن ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، اسد عمر، چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيربختونخواهه جي گورنر، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم شرڪت ڪئي.