اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري جي سمورن طبقن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. راو??پن??ي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) ۾ ??ورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي وڪالت ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۽ پيشن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ??ڃر??ئي رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ ??ورتن وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪامياب مقام حاصل ڪيو آهي، عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيون آهن. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت عورتن کي ترقي جا برابر ??وق??ا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، هن پنهنجي گهرن تي ئي ٻارن ۾ ??ورتن جي احترام جي قدرن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن هڪ مهذب معاشري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي.