اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جا قدم نتيجاخيز ثابت ٿي رهيا آهن. هن چيو ته انهن قدمن جي ڪري فيبروري ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو رڳو 0.5 ارب ڊالر تائين گهٽ ٿي ويو آ??ي جيڪو جنوري ۾ 2 ارب ڊالر هو. هن چيو ته فيبروري جو ڪرنٽ اڪائونٽ ??اهوار خسارو هلندڙ مالي سال ۾ سڀ کان گهٽ خسارو رهيو آ??ي. وزيراعظم چيو ته ان دوران ??اضي ۾ ڪيل سڀ کان ??ڌيڪ روانگي واپار جي ڀيٽ ۾ فيبروري 2022ع ۾ روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو جڏهن ته روانگي واپار ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو بنيادي سبب وڏن صنعتي ادارن جي پيداوار ۾ مستحڪم واڌويجهه جي شرح آهي.