اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي ڪالهه آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلا?? جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير مرڪزي ڪانفرنس هال، ??فد?? جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز جو مشاهدو ڪيو ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلا?? جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهان ٿو. هن چيو ته اڄ صبح مصر جو پرڏيهي وزير اچي ويو آهي، منهنجي ساڻس ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي، سڀاڻي اڪثر پرڏيهي وزير اچي ويندا. هن چيو ته هن اجلاس ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز بشمول فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال پڻ بحث هيٺ ايندي، پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر هجڻ جي ناطي، او آءِ سي جي پليٽ فا??م کي وڌيڪ مستحڪم ڏسڻ چاهي ٿو، آئون پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف اسان جي ڪوششن جو ثمر ملي رهيو آهي، گڏيل قومن ۾ قرارداد منظور ٿي چڪي آهي، هاڻي انشاءَ الله 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايت تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين ??فد?? جي سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.