اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين اي آر وائي نيٽ ورڪ جي باني سي اي او ۽ ڪراچي ڪنگز جي مالڪ سلمان اقبال کي ستاره امتياز ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته سلمان اقبال پي ايس ايل جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سلمان اقبال جي اڻٿڪ ڪوششن ج?? ڪري ڪيترائي عالمي رانديگر پاڪستان آيا. هن چيو ته سلمان اقبال پاڪستان ۾ فلمي ص??عت جي فروغ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، اي آر وائي ڊيجيٽل نيٽ ورڪ ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ريليز ڪيون. هن چيو ته ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ غيرمعمولي خدمتن ج?? اعتراف ۾ پاڪستان رياست پاران سلمان اقبال کي ستاره امتياز ملڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سلمان اقبال ملڪ ۾ راندين ج?? فروغ لاءِ پنهنجو ڪردا?? جاري رکندو.