اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف ڪرپشن بچ??ئڻ وارو ٽولو ۽ ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان آهي، قوم فيصلو ڪيو آهي ته ملڪي سالميت ۽ وزيراعظم عمران خان سان گڏ ڄمي بيٺل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪس??ان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪا??هوڪي جلسي ۾ قوم وزيراعظم عمران خان تي اعتماد پلس ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ٻاهريون قوتون حڪومت ڪير??ئڻ جي ڪوششن ۾ ملوث آهن، عوام فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو ملڪي سالميت سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪا??ياب جلسي جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هڪ عرصي کانپوءِ قوم کي وزيراعظم عمران خان جهڙو اڳواڻ مليو آهي، پاڪس??ان ۾ هڪ اهڙو مف??د پرست ٽولو آهي جنهن جا مف??د ملڪ کان ٻاهر آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪس??ان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندو، فرخ حبيب چيو ته هر اداري کي ملڪي سالميت عزيز آهي.