اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ت?? آئين ٽوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين، تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي ت?? ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪري ڇڏ??و، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا، سياسي سرگرمين جي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي نه، ميرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم نه ٿيندو، اميد آهي ت?? پيپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي، اتحادي حڪومت آهي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هاڻي پنجاب اسپيڊ نه پاڪستان اسپيڊ ٿيندي، ڪنهن ملڪي وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو ته قانون جو رستو اختيار ڪنداسين، هڪ س??ال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته متحده ميمبرن سان ملي آيو آهيان، سڀاڻي مزار قائد ويندس، هڪ س??ال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو مدو ڏيڍ سال آهي، اسان کي ڪيترو عرصو رهڻو آهي اهو فيصلو اتحادي گڏجي ڪندا، (ن) ليگ جي سوچ آهي ت?? سڌارا ڪريون ۽ اليڪشن ۾ وڃون، هن چيو ته سڀ کان وڏو چئلينج تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي ت?? ضابطو آڻڻ آهي. هڪ س??ال تي هن چيو ته سياسي سرگرمين جي سڀني کي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي ڪابينا جو حصو بڻجندي. هن چيو ته اتحادي حڪومت آهي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. هڪ س??ال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن صدر جي طبيعت ٺيڪ نه آهي ت?? الله کيس صحت ڏي، آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين. هن چيو ته مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شارٽ ۽ ميڊيم ٽرم پلان ٺاهي رهيا آهيون، ڳالهين سان قومون ناهن ٺهنديون، آچر تي به ڪم ڪرڻو پوندو، ٻه موڪلون خوشحال قومون ڪنديون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن کي ڪجهه نه چونداسين، ادارا پنهنجو ڪم ڪندا، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا. هڪ س??ال تي هن چيو ته ڪشمير، افعانستان تي بريفنگ پارليامينٽ ۾ ٿي ت?? ليٽر گيٽ تي ڇو نه، مودي کي مشورو ڏنو آهي ت?? ڪشمير مسئلو حل ڪري پائيدار امن طرف هلون. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي مستقبل تي به مشاورت ٿيندي، تحريڪ انصاف وارا خزانو خالي ڪري ويا آهن، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪ??و، جيڪي ملڪ دوست بڻجڻ چاهيندا هئا، انهن سان به لاڳاپا خراب ٿيا. هن وزيراعظم هائوس کي پاڪستان هائوس ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ پوري پاڪستان مان بيوروڪريسي آڻينداسين، بيوروڪريسي ت?? واضح ڪري ڇڏيو آهي ت?? ميرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم چوان ته منع ڪري ڇڏ??و، وزيراعظم چيو ته هر فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو.