اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي معاشي دهشتگردي جو خميازو پ??ڪس??ان جي عوام ڀوڳي رهي آهي، عمران خان جي صورت ۾ جيڪا فاش غل??ي ٿي هئي قوم ان کي ورجائڻ لاءِ تيار نه آهي، عمران خان آئين ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو، عوام کي بيروزگار ڪيو، ملڪ کي غريب ۽ مفلس ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، کيس پنهنجي غل??ين ۽ ڏوهن تي حساب ڏيڻو پوندو، چونڊون عوام جو جمهوري حق آهي، چونڊون ??قرر مدي تي ٿينديون. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جون تقريرون گذريل چئن سالن کان تبديل ناهن ٿيون، هو ڪڏهن ڪرپشن جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪڏهن مديني جي رياست جي نالي تي سياست ڪرڻ جو بيانيو اختيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن امر بالمعروف جي رٽ لڳائي ٿو. هن چيو ته عمران خان کي بي اعتمادي جي رٿ جي ذريعي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍيو ته هن ٻاهرئين ملڪ جي سازش جو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اصل حقيقت پ??ڪس??ان جي عوام ڄاڻي ٿي. هن چيو ته عمران خان جي ڍٽائي، ڪوڙ، منافقت ختم نه ٿي رهي آهي، هن ڪرپشن جا الزام هنيا پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. عمران خان هڪ طرف مديني جي رياست جا نعرا لڳائيندو رهيو ۽ ٻئي طرف ٻه ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڪيو، 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، مهانگائي جي شرح کي 16 سيڪڙو تائين پهچايو، اٽي جي قيمت 35 رپين مان وڌائي 90 رپيا ڪري ڇڏي، کنڊ جي قيمت 52 رپين مان 120 رپيا في ڪلو تائين پهچائي. هن چيو ته عمران خان ڪابينا جي اندر ويهي ڪارٽلز ۽ مافيا کي فائدو پهچايو، عمران خان کنڊ برآمد ڪرڻ جي سمري تي صحيحون ڪيون، ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ ٿي پوءِ هن درآمد ڪئي، اهڙي طرح 52 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيندڙ کنڊ 120 رپيا ڪلو ۾ ماڻهن لائينن ۾ بيهي آڱوٺو لڳائي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي ڏيکاري خريد ڪئي. هن چيو ته مديني جي رياست جي دعويٰ ڪندڙن ڪشمير فروشي ڪئي، اڄ جيڪي ماڻهو خودداري جا نعرا لڳائي رهيا آهن هي اهي ئي ماڻهو آهن جن ڪشمير جو سودو ڪيو. هن چيو ته عمران خان اهو ئي شخص آهي جيڪو مودي جو ڪمپين مئنيجر هو. هن چيو ته هي اهو ئي شخص آهي جنهن فارن فنڊنگ جي ذريعي 73 لک ڊالرز جي مني لانڊرنگ ڪئي. عمران خان جي آفيس اڍائي ڪروڙ رپيا ڪيش وصول ڪيا جنهن کي ڊڪليئر نه ڪيو ويو. اهي سموريون شيون ??ديني جي رياست جو نالو وٺي انجام ڏنيون ??يون، قرضن جي بار هيٺ پ??ڪس??ان جي عوام کي ٻوڙيو ويو، 43 هزار ارب رپين جو قرض ورتو، ملڪ جي تاريخ ۾ ايترو قرض ڪنهن حڪومت نه ورتو جيترو ملڪ ۾ گذريل چئن سالن دوران عمران خان ورتو. هن چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان شرطون به مڪمل نه ڪيون، اڄ معاشي دهشتگردي جو خميازو پ??ڪس??ان جي عوام ڀوڳي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته غل??ي ٿي، ان کي ٺيڪ ڪريو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان آئين تي حملو ڪيو، پارليامينٽ تي حملو ڪيو، بي اعتمادي جي آئيني رٿ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عوام کي بيروزگار ڪرڻ، ملڪ کي غريب ۽ مفلس ڪرڻ، پ??ڪس??ان جي عوام جي وات مان ماني کسيڻ، ڪشمير فروشي جهڙيون سنگين غل??يون ڪيون، پ??ڪس??ان جي عوام ان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي ايوان مان ٻاهر اڇلايو. پ??ڪس??ان جي عوام انهن کي ڪڏهن معاف نه ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان توشه خاني تي ڌاڙو هنيو، 41 سالن ۾ سندس آمدني ۾ ايترو اضافو نه ٿيو جيترو 2018ع کان 2019ع جي سال ۾ ٿيو. ان وقت هن 20 سيڪڙو رقم تي سموريون ??هانگيون شيون ??اڻ وٽ رکيون، اڳ ۾ هن گهٽ رقم تي شيون ??اڻ وٽ رکيون ۽ بعد ۾ سمري کي 50 سيڪڙو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان اهي تحفا توشه خاني مان حاصل ڪري دڪانن تي وڃي وڪرو ڪيا، اهڙي طرح هڪ سال دوران سندس آمدني ۾ ايترو اضافو ٿيو جيڪو هو 41 سالن ۾ به نه ڪمائي سگهيو. هن چيو ته عمران خان وٽ وزيراعظم جي ڪرسيءَ هئي يا ڪاروبار جي ڪرسي يا ڪو دڪان لڳل هو. عمران خان 14 ڪروڙ جون شيون 3 ڪروڙ ۾ خريد ڪيون، 58 تحفا هن پاڻ وٽ رکيا، گهڙيون دڪانن تي وڪرو ڪندو رهيو، 20 سيڪڙو ۾ گهڙي خريد ڪري 18 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ڪئي، عمران خان جيڪي تحفا پان وٽ رکيا، ان جي لاءِ پئسو ڪٿان آيو، کيس رسيدون ڏيڻيون ??ونديون. هن چيو ته عمران خان سائيڪل تي آفيس وڃڻو هو، و??يراعظم هائوس ۾ يونيورسٽي ٺهڻي هئي، هن هڪ ارب رپيا هيلي ڪاپٽر جي استعمال تي خرچ ڪيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چونڊون ????ڪس??ان جي عوام جو جمهوري حق آهي جيڪي انشاءَ الله اسيمبلن جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ٿينديون. اڳتي جيڪا به اليڪشن ٿيندي ان ۾ آر ٽي ايس ويهڻ جي غل??ي نه ٿيندي، ڊسڪه وانگر ڌُنڌ نه ڇائنجندي، اليڪشن ڪميشن جو عملو چوري نه ٿيندو. هن چيو ته عمران خان اڳ ۾ ٻاهرئين ملڪ سازش جو ذڪر ڪري ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا، کيس اصل ۾ سندس اع??ال?? اقتدار مان ڪڍيو آهي. هن چيو ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر 60 لک نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، مفت دوائون ڏيڻ جو واعدو ڪندڙن دوائون ??هانگيون ڪري ڇڏيون، هن وقت ماڻهو گهرن جو ڪرايو ادا نه ٿا ڪري سگهن، ٻارن جي اسڪولن جون ??يسون ادا نه ٿا ڪري سگهن، عمران خان فنانس جي سمريز کي بائي پاس ڪندي غيرقانوني آرڊرز ڏنا، انهن سمورين شين جا ثبوت اچي چڪا آهن، هاڻي توهان کي غل??ي نه ڏوهن تي حساب ڏيڻو پوندو، عمران خان عوام جو ڏوهاري آهي، هن عوام کي بکيو ڪيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي عوام ٻيهر غل??ي نه ڪندي، عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي. هن چيو ته عمران خان جيڪا معاشي دهشتگردي ڪئي پ??ڪس??ان جي عوام کي ان مان ڪڍنداسين، عوام کي ريليف جي فراهمي لاءِ اسان مشڪل فيصلا ڪنداسين. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي عوام کي روزگار ڏنو ويندو، ڪنهن ڪارٽلز ۽ مافيا کي ساڄي کاٻي پاسي نه ويهاريو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جنهن شخص کي نماز جي لاءِ ڪرسيءَ نه ڏني وئي هئي، اهو ڪالهه عمران خان جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪري رهيو هو. اڄ ملڪ ۾ اهو وزيراعظم آهي جيڪو سڀني جو وزيراعظم آهي، هو ان شخص جو به وزيراعظم آهي جيڪو کيس چار سال رڳو گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهيو، ڪاغذ لهرائي لهرائي سندس جڳ هسائي ۽ تضحيڪ ڪندو رهيو. هن چيو ته جيل ۾ شهزاد اڪبر ايسيٽ ريڪوري يونٽ کي ان لاءِ رکيو ويو هو ته پتو لڳايو وڃي ته شهباز شريف کاڌو ڪهڙو ٿو کائي، ڪهڙي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو. هن چيو ته عمران خان ڪوڙ، غل??ي ۽ ڪشمير فروشي تي عوام کان معافي وٺي. هن چيو ته عمران خان ادارن بابت هڪ منظم تحريڪ شروع ڪري رکي آهي، ادارن جي خلاف روبوٽڪ ٽوئيٽس هلايا پيا وڃن. هن چيو ته عمران خان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي، بجلي جا بل به ساڙيا، اڄ پ??ڪس??ان جي عوام بجلي ۽ گئس جا وڏا به عمران خان جي غل??ي جي ڪري ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي عوام مهانگو اٽو، کنڊ ۽ ڪڻڪ عمران خان جي نااهلي جي ڪري خريد ڪري رهي آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي عوام هاڻي ٻيهر غل??ي نه ڪندي، هو ان کي ووٽ ڏيندي جيڪو پ??ڪس??ان کي ترقي ڏيندو. هن چيو ته هاڻي اليڪشن ۾ نه سازش ٿيندي نه مداخلت ٿيندي، هڪ شفاف اليڪشن ٿيندي جيترا ووٽ دٻي ۾ هوندا يا جنهن جي لاءِ هوندا ايترا ئي ووٽ دٻي مان نڪرندا ۽ انهي جي لاءِ نڪرندا. هن چيو ته عمران خان ملڪ ۽ آئين تي حملو ڪري ۽ چوي ته غل??ي کي صحيح ڪريو، جيڪڏهن غل??ي ٿي آهي ته اها ان جي شڪل ۾ ٿي آهي. عوام ان جي اصليت ڄاڻي چڪي آهي، بيهر اهڙي شخص کي قوم تي نه مڙهيو ويندو. انشاءَ الله هاڻي حقيقي ووٽ جي ذريعي حڪومت ايندي.