اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گذريل حڪومت سياسي مخالفن کي بدترين انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو، چيو ويو ته شهباز شريف ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ ٺاهڻ تي 20 ارب رپيا لڳائي ڇڏيا ۽ ان تي مون کي نيب جي عقوبت خاني ۾ رکيو ويو، پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ کي جلد مڪمل فعاليت جي هدايت ڪئي آهي، هي اسپتال رڳو پنجاب نه پر پوري پاڪستان جي لا??ِ آهي، خواهش هئي ته هن سينٽر کي ٽرسٽ ۾ تبديل ڪريون. پاڪستان ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته خادم پنجاب هوندي 10 سالن ۾ اربين رپيا غريبن، يتيمن، بيواهن جي علاج تي لڳايا، هي سينٽر مستحق مريضن جي مفت علاج جي لا??ِ ٺاهيو ويو، اداري ۾ رڳو 6 آپريشن سينٽر فعال جڏهن ته 14 بند پيل آهن، خواهش هئي ته پي ڪي ايل آئي کي ٽرسٽ ۾ تبديل ڪريون، هن سينٽر جي دوري جو مقصد طبي سهولتن جو جائزو وٺڻ آهي، هي سينٽر رڳو پنجاب يا مخصوص ماڻهن جي لا??ِ نه پر پوري پاڪستان جي عوام لا??ِ آهي جنهن جو افتتاح 2018ع ۾ ٿيو جتي غريبن جو علاج مفت ٿيڻو هو جڏهن ته هاڻي بريفنگ تي خبر پئي ته غريب مريضن جا هتي رڳو 17 سيڪڙو ڪڊني ٽرانسپلانٽ ٿيا ۽ 83 سيڪڙو اميرن جو هتي علاج ٿيو، هي اسپتال مستحق مريضن جي مفت علاج جي لا??ِ ٺاهي وئي هئي. هن چيو ته هتي پنجاب حڪومت جا وسيلا ۽ ٻيا فنڊز جمع ڪري هن سينٽر کي هڪ ٽرسٽ طور ٺاهڻ چاهيو پئي جتي غريبن جو مفت علاج ٿي سگهي، هتي صاحب حيثيت ماڻهو به ادائيگي ڪري ضرور پنهنجو علاج ڪرائين جڏهن ته اهي پنهنجو علاج دنيا جي سٺن ملڪن ۾ به ڪرائي سگهن ٿا. هي اسپتال هتي اميرن ۽ غريبن جي فرق کانسواءِ علاج جي سهولت لا??ِ ٺاهي وئي هئي. بطور پنجاب جي وڏي وزير اربين رپين جي مستحقين جي ڀارت ۽ چين ۾ ليور ۽ ڪڊني ٽرانسپلانٽ جي لا??ِ مالي مدد ڪئي، ڪڊني ٽرانسپلانٽ جي لا??ِ ڀارت ۽ چين اسان جا مريض وڃي رهيا هئا اسان ڏيڍ کان ٻن سالن ۾ پرڏيهي ناڻو ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي لا??ِ هي اسپتال ٺاهي، ڊاڪٽر سعيد اختر ۽ سندس ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان هي اسپتال ٺهي. فيصل ڊار جهڙي قابل معالج کي هتي آڻي هن اسپتال کي فعال ڪيو. هن اسپتال جي ٺاهڻ تي چيو ويو ته ان تي شهباز شريف 20 ارب رپيا لڳايا، ان تي نيب پڇاڳاڇا به ڪئي ۽ عقوبت خاني ۾ به رکيو پر هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ٿي، اسپتال جي عملي آمريڪا مان هڪ مخصوص ڪمپني جا اوزار گهرائڻ جو چيو ته ان جي لا??ِ ڪراچي جي هڪ صاحب حيثيت کان 9 ڪروڙ رپيا عطيو وٺي اوزار هن اسپتال جي لا??ِ گهرايا. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪڊني ۽ ليور ٽرانسپلانٽ جا اهڙا مريض جيڪي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ غيرقانوني ٽرانسپلانٽ مرڪزن جتي حفاظتي تدبيرون به اختيار نه ٿيون ڪيون وڃن اتي ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ تي مجبور هئا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو منصوبو هجڻ جي ڪري ان کي جيڪڏهن ذاتي عناد جو شڪار بڻايو وڃي ته اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي، هاڻي ان جي نگراني ڪئي ويندي. هن چيو ته هن سينٽر کي مڪمل فعال ڪرڻ جي لا??ِ لاڳاپيل عملدارن کي حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، اسان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين.