لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آه?? ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪمپنين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ چائ??ه گڏيل سيڙپڪاري جي ??نص??بن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت پهچائي وڃي، انهن ڪمپنين جي ملازمن لاءِ سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي. هن اها هدايت چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ??نص??بابندي، ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم ج?? خاص مددگار طارق فاطمي، گهرو، ناڻي، پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽرين، سيڙپڪاري بورڊ، پيٽروليم، پاور، آءِ ٽي، ريلوي جي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان چين جي گهڻ رخي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۾ موجود وڌيڪ امڪاني موقعن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف خصوصي هدايت ڪئ?? ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪمپنين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ – چائ??ه گڏيل سيڙپڪاري جي ??نص??بن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت هڪٻئي کي پهچائي وڃي، هن هدايت ڪئ?? ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سمورين چيني ڪمپنين جي ملازمن جي سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي.