انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چ??و آهي ته ايندڙ ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان ڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪيو وڃي، حڪومت هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ترڪي جي يونين آف چيمبرز اينڊ ڪموڊٽي ايڪسچينجز (ٽي او بي بي) جي اهتمام هيٺ تقريب ۾ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو هُو پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي حصيداري وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻن??ي ملڪن جي ڪاورباري برادري آئنده ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪري، ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت هر ضروري قدم کڻندي. وزيراعظم جي آجيان ڪندي يونين آف چيمبرز جي صدر رفعت حسارسڪ ليوگلو ترڪي جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن پاران پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ۽ مشڪل وقت ۾ ٻن??ي قومن جو هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي رورايتن کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي زبردست قيادت ۾ ترڪ جي غير معمولي ترقي کي ساراهيو، هن پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن چيو ته سندس دوري جو مقصد ٻن??ي ملڪن جي وچ ?? خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي خ??م ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم ترڪي جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ان سلسلي ?? خاص طور تي پاڪستان ۾ ترڪ ڪمپنين کي درپيش مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن مان فائدو کڻندي واپار ۽ اقتصادي حصيداري وڌائڻ لاءِ وزيراعظم ٻن??ي ملڪن جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته آئنده ٽن سالن دوران واپار ۾ 5 ارب ڊالر کان ڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪريو. هن ڪاروباري برادري کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ان موقعي تي ترڪ ڪمپنين جي نمائندن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ پنهنجي منصوبن جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪاروباري وفد سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.