اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي ??جس??ريشن جي شروع??ت ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي مهم جو حصو بڻجڻ جي خواهشمند رضاڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي 1166 تي ڪال ڪري پاڻ کي ??جس??رڊ ڪرائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب سلمان صوفي چيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي سي پي آر ۾ پيشيواراڻي تربيت يافته آهن اهي رضاڪارن جي تربيت لاءِ ??جس??ريشن ڪرائين، مهم جو حصو بڻجن، تربيت حاصل ڪن، 10 وڌيڪ ماڻهن کي بنيادي سي پي آر جي ٽريننگ ڏين ۽ انعام حاصل ڪن. هن ٻڌايو ته ٽريننگ جي ??جس??ريشن لاءِ ڪنهن به عمر جا ماڻهو اهل هوندا. هن نوجوانن، عورتن، ٻارن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ??جس??ريشن ڪرائين. هن چيو ته ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وقت سر سي پي آر سان ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.