اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ?? جي ايسوسيئيشن (آسيان) جي ميمبر ملڪن کي 55 هين آسيان ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آسيان سان پراڻو تعاون آهي. تعاون، دوستي ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي قائم آسيان هڪ متحرڪ ۽ ٺوس ??قص??دي برادري ۾ تبديل ٿيو آهي جيڪو علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائي ٿو. پرڏيهي آفيس ??ي جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ?? جي ايسوسيئيشن آسيا?? جي ميمبر ملڪن کي آسيا?? جي 55 هين ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو،. پاڪستان جو آسيان سان پراڻو تعلق ۽ تعاون آهي، 1993ع کان پاڪستان سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر جڏهن ته 2004ع کان آسيان ريجنل فورم جو ميمبر آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تعاو?? جي معاهدي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان آسيا?? جي اڳڀرائي ۽ علائقائي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي کي ساراهي ٿو. پنهنجي ويزن ايسٽ ايشيا پاليسي موجب پاڪستان آسيان سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ کي اولين ترجيح ڏي ٿو جنهن ۾ بهتر رابطا ۽ عوامي سطح تي رابطا شامل آهن. ترجمان چيو ته تازو ئي منعقد ٿيندڙ 29 هين اي آر ايف وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت آسيان سان پاڪستا?? جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ان عزم جو اظهار آهي.