اسلام آباد– 31 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ قيمتي جاني نقصان تي همدردي جو اظهار ڪرڻ تي ڪئناڊا جي وز??راعظم جسٽن ٽروڊو جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان قيمتي جانين جي زيان ۽ تباهي تي ڪئناڊا جي وز??راعظم جسٽن ٽروڊو جي خيالن ۽ همدردي جي اظهار تي ان جا ٿورا مڃون ٿا، ڪئناڊا پاڪستان جو بهترين دوست ۽ اسان ڪئناڊا جي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ انهن جا ٿورائتا آهيون.