نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رداري هنگري جي واپار ۽ پرڏيهي وزير پيٽرز زيجارتو سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي ت?? ملا??ات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها ملا??ات نيويارڪ ۾ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هنگري سان ٻطرفن ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي ت??ام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ملا??ات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي غور ڪيو ويو جن ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري، ثقافت، دفاع ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت معاملا شامل آهن. ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻطرفن واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيندي پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ت?? هنگري پاڪستان ۾ سيڙپڪار ??وست ماحول مان فائدو کڻي پاڪستاني ڪمپنين سان خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهي ٿو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن جو به جائزو ورتو.