آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فلسطين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو ۽ انهن جي جذباتي ڳالهه ٻولهه اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جو مثال بڻجي وئي. محمود عباس پيار مان وزيراعظم شهباز شريف جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي ??رتا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فلسطين جو صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ??ئي سان گرموشي سان گلي مليا ۽ انهن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران تو??ان جي مدد تي تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. محمود عباس چيو ته پاڪستان اسان جو گهر آهي، پاڪستاني اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن، پاڪستاني اسان جي گهر جا ڀاتي آهن، اسان انهن جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ائين نه چئو، فلسطين ٻوڏ سٽ??لن جي جهڙي طرح مدد ڪئي، وساري نه ٿا سگهون، پاڪستان ڪڏهن به فلس??ين??ن کي وساري نه ٿو سگهي، تو??ان جي ڪاميابي تائين پاڪستان تو??ان جي حق لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. فلس??ين?? صدر محمود عباس چيو ته اسان پاڪستان کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، هڪ سئو سال کان اسان پاڪستانين کي ڪڏهن ناهي وساريو، مفتي فلسطين پنهنجي لاڏاڻي تائين پاڪستان ۾ رهيو، ان جي سارسنڀال پاڪستان ڪئي، پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ کان اسان پاڪستانين سان گڏ آهيون. وزيراعظم چيو ته فلسطين اسان جي ايمان ۽ يقين جو حصو آهي، فلسطين اسان جي دل ۾ آهي. هن چيو ته اڄ جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندڙ اڳواڻن ۾ تو??ان شامل آهيو، تو??ان جي حمايت ۽ جذبي تي دل جي گهرايئن سان ٿورا مڃان ٿو.