گڏيل قومون – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ ان جي مشن جو ??نيادي مقصد بين الاقوامي طور تي تسلم ڪيل تڪراري علائقي ڄمون ڪشمير جي ماڻهن ??ي حق خوداراديت جو ??حفظ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطا??ق گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ??مائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ عالمي اداري جي مختلف فورمن تي پنهنجي ملڪ جي فعال ڪردار تي روشني وڌي. هن ??يو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان بيان جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ هن ??يو هو ته تڪراري ڪشمير کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي بنياد تي حل ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته گڏيل قومن جي چارٽر ۽ قراردادن ۾ چيو ويو آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو ??تمي فيصلو ڪشميري عوام گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزادانه ۽ منصفانه راءِ جي ذريعي پنهنجي حق خوداراديت کي استعمال ڪري ڪندا.