مصر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي ۽ فرانس جي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا ج?? وچ ۾ مصر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپ?? جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ ان موقعي تي موجود هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فرانس پاران پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موسمياتي تبديلين سان مقابل?? جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي فرانسيسي پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين سان مقابل?? جي لاءِ پاڪستان جي عالمي امداد جي حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.