شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين ??ي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ض??ورت آهي. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ماحولياتي تبا??ين جي سونامي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي ض??ورت آهي، ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي لاءِ انتهائي ض??وري موافقت جو دور آهي. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ ش??مل آهي جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آهن، ان منصوبي جي مقصدن ۾ ماحولياتي نظام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار مستقبل ش??مل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبل?? ۽ ??رائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ گهرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين ??ي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس جي ض??ورت پوندي.