اسلام آباد – 05 – جنوري (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي ۽ حڪ??مت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفد پاران حڪ??مت کي توانائي ??ي بچت جي مختلف قدمن تي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي موجوده معاشي ۽ ڪاروباري صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي 5 رڪني وفد ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب ڪئي. وفد حڪ??مت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل ملڪي معيشت جي مڪمل بحالي جي لاءِ حڪ??مت سان گڏ بيٺل آهي. وفد معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ مفيد تجويزون ڏنيون، جن جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل حڪ??مت جي مجرماڻي غفلت سان گذريل 4 سالن دوران ملڪي معيشت جي ناقابل تلافي نقصان پهتو. جڏهن اسان جي اتحادي حڪ??مت قومي خدمت جي جذبي تحت ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي بيٺل هئي، اسان هر شعبي ۾ ڀرپور محنت ۽ لڳن سان ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ملڪي معيشت کي تباهي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو ذمو کنيو. وزيراعظم حڪ??مت جي ان عزم کي به ورجايو ته اها هر حال ۾ ڪاروباري طبقي جي تعاون ۽ عوام جي حمايت سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اقتصادي معاملن ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه، ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر جي چيئرمين عاصم احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.