اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ميانوالي جي ٿاڻي مڪڙوال تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس کي شاباش ڏيندي غير معمولي بهادرري جو مظاهرو ??ند?? پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم چيو ته دهشتگردن کي ڀڄائيندڙ پنجاب پوليس جي آفيسرن ۽ نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پوليس دهشتگردي ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ اسان جو قابل فخر هر اول دستو آهي. دهشتگردن جي خلاف سڄي قوم ۽ ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن. وز??را??ظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪردار ۽ جذبي تي سڄي قوم کي فخر آهي. پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ مضبوط ۽ جديد هٿيارن سان ليس ڪنداسين. سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ آهي.